چوٽيءَ ڦل

چوٽيءَ ڦـل: چوٽيءَ ڦل، هڪ قسم جو ڳهه آهي، جيڪو چانديءَ جي ميناڪاري تي جڙيل هوندو آهي. چوٽي ڦل مٿي ۾ انهيءَ هنڌ هڻبا آهن، جتان چُوٽيون (ڳتيون) شروع ٿينديون آهن. سَرنديءَ وارا سون مان چوٽيءَ ڦل جوڙائيندا آهن، پر اڪثر ماڻهو هي زيور چانديءَ مان ٺهرائيندا آهن.


لفظ چوٽيءَ ڦلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو